عزيز ڪنگراڻي
پروفيسر عزيز ڪنگراڻي Professor Aziz Kingrani | |
---|---|
عزيز ڪنگراڻي، رني ڪوٽ جي پسمنظر ۾ ورتل تصوير 25 ڊسمبر 2011ع | |
پيدائش | عزيز الله جنوري 1958 (عمر 66–67 سال) جوهي، دادو ضلعو، پاڪستان |
قلمي نالو | عزيز ڪنگراڻي |
ڌنڌو | محقق، مورخ، شاعر، ڊراما نویس، افسانہ نگار، پروفیسر |
ٻولي | سنڌي |
شهريت | پاڪستان |
تعليم | ایم اي (اسلامي ثقافت)، ایم اي (سنڌي) |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
موضوع | تاریخ، آثار قدیمہ، افسانہ، غزل، وائي، بیت، آزاد نظم |
مُکيه ڪم | روڳ Sindh Tourism: An archaeological Journey |
ايوارڊ | گولڊ میڊل - سنڌ يونيورسٽي پي ٽي وي ایوارڊ بهترين لاء ڊراما نگار لعل شهاز قلندر ایوارڊ |
ويبسائيٽ | |
https://azizkingrani.wordpress.com/ |
عزيز ڪنگراڻي انگريزي (Aziz Kingrani) جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ[1] ڪهاڻيڪار[2]، ڊرامه نگار[3][4][5]، شاعر[6]، محقق[7] ۽ مؤرخ [8]آھي. ھن ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما [9]لکيا جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي[10] ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن.[11]
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]ع. ڪنگراڻي 4 جنوري 1958ع تي سنڌ جي جوهيءَ[12] تعلقي، ضلع دادوءَ [13]، جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ [14]۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1971ع ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1977ع ۾ مڪمل ڪيائين. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽر ميڊيئيٽ 1979ع ۾ ۽ بي ايس سي جي ڊگري 1982ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايڊ 1989ع ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1985ع ۾ ٻئي ڊگريون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته سنڌي ادب ڏانهن لاڙي سبب 1987ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيائين جنهن تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ميڊل ڏنو ويو.[11]
پيشو
[سنواريو]هن نوڪري جي شروعات سول اسپتال دادو ۾ ويڪسينيٽر طور اپريل 1981ع ۾ ڪئي. مئي 1981ع کان پرائيمري استاد مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ جي ايس ٽي استاد طور مڊل اسڪول مانجهند ۾ مقرر ٿيو ۽ 1985ع ۾ مڊل اسڪول حاجي خان ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1986ع کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾سائنس ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) طور مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ليڪچراريءَ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين. اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي ٻنهي مضمونن ۾ چٽاڀيتيءَ وارو امتحان پاس ڪيائين پر سنڌي جي مضمون جي چونڊ ڪري 1993ع ۾ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر[15] طور ڊسمبر 2012ع تائين مقرر رهيو. جنوري 2013ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. مئي 2017ع ۾ اسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو.
تخليقون
[سنواريو]هن ادب[16] لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1974ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ”ايماندار هاري” سال 1974ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻاراڻي صفحي ۾ ڇپي. 1983ع کان شاعري پڻ شروع ڪيائين ته تنقيدي مضمون نگاري به لکڻ لڳو. سندس شاعري، ڪهاڻيون، تاريخي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون نگاري سنڌ جي مڃيل سنڌي اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. اخبارن ۾ روزانه هلال پاڪستان، روزانه عبرت، روزانه سنڌُو ۽ روزانه آفتاب ذڪر لائق آهن. رسالن ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران نڪرندڙ رسالن ٽه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران نڪرندڙ رسالي نئين زندگي ۽ عبرت مئگزين ۾ سندس مواد شايع ٿيڻ لڳو. 1987ع کان پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي پروگرام مخزن جي مشاعرن جي نشستن ۾ شرڪت شروع ڪيائين.
شاعري ۽ ناٽڪ(ڊراما)
[سنواريو]1989ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس شاعري ۽ ڊرامه[17] نشر ٿيڻ لڳا. سندس پهريون ريڊيو ڊرامو “پنجوڙ“ ريڊيو حيدرآباد تان1989ع ۾ ڪامران ڀٽيءَ پيش ڪيو. ان کان پوءِ سندس ڊرامه ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ خيرپور تان پڻ نشر ٿيڻ لڳا. جڏهن ته 1990ع کان ٽي وِي ڊرامه لکڻ جي شروعات ڪيائن. سندس پهريون ڊرامو “اولڙا ۽ عڪس” محمد بخش سميجو جي پيشڪش ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. 1991ع کان تاريخي ۽ تحيقيقي مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪهاڻيون، شاعري، تاريخي، تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون روزانه عوامي آواز ڪراچي، روزانه جاڳو ڪراچي، روزانه ڪاوش حيدرآباد، روزانه ڪوشش حيدرآباد، روزانه سنڌ حيدرآباد، اردو روزانه جنگ ڪراچي، انگريزي روزانه ڊان ڪراچي[18]، ۽ ٻين ڪيترين سنڌي اخبارن کان علاوه ٽه مهراڻ، سارنگا حيدرآباد رسالن ۽ جريدن ۾ شايع ٿيڻ لڳا ۽ اڄ تائين شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعري پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي ۽ ريڊيو حيدرآباد تان مختلف فنڪارن جي آواز ۾ پڻ نشر ڪئي وئي آهي. هيل تائين سندس ٽيهن (30) کان مٿي سنڌي ۽ اردو ريڊيو ڊرامه ريڊيو ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ميرز تان نشر ٿي چُڪا آهن. ٽي وي ڊرامه لکڻ جي شروعات پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان 1990ع کان ڪيائين. سندس پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان 13 کان مٿي انفرادي ڊرامه[19] ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن ۾ وسڪاري کانپوءِ، شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير ، ڇاند، محبتُن جو الميو، پاڻي تي ليڪا ذڪر لائق آهن. پي ٽي وي ڪراچي تان اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سندس اردو ڊرامه سيريل، جيت، جلتي سورج ڪي نيچي ۽ سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کانپوءِ مقبوليت ماڻي. جڏهن ته نجي سنڌي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان سندس ڪيترائي انفرادي ڊرامه توڙي سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي. انهن ۾ ڳاڙهي، ڪارو گلاب، زنجيرون، آڙاھ، خزائن کانپوءِ،ڪڏهن ته ملنداسين، ڪارو سج، خالي هٿ، دام، هوءَ منهنجي نه هُئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهبي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪِير, ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامه شامل آهن.
ڪتاب
[سنواريو]سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 15 ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هڪ سهڪاري مرتب طو رشايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي ۽ ٻين ادارن پاران ڇپايل آهن.
ھيٺ سندس ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا
- سنڌ پري ( ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) نئون جنم پبليڪيشن حيدرآباد) 1999ع
- روڳ ڪهاڻيون روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 2005ع
- تڙ تڙ تي طوفان شاعري نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي 2005ع[20]
- ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدر آباد 2009ع
- اکر اکر آرسي، استاد بخاري جي شاعري جي لغت، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد 2009ع[21]
- سنڌ ٽوئرازم- آرڪيالوجيڪل جرني، سنڌ ڊولپمينٽ ڪارپوريشن، سياحت کاتو سنڌ 2012ع[22][23][24][25]
- گورک مٿي چنڊ شاعري نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي آڪٽوبر 2016ع[11]
- تاريخ جا تِروِرا، تحقيقي مضمون،نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، ڊسمبر 2016ع
- پيار گِرهڻ، ڪهاڻيون، سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد، فيبروري 2017ع
- نئيگ شريف؛ تحقيق، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي 2017ع
- محبتن جو الميو، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2018ع
- عشق عقل استاد، جوت پبليڪيشن ڪراچي، 2018ع
- اي گلمپس ان ٽه هسٽري آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2019ع
- انڊس اسڪرپٽ ان اسٽونز، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، ڊسمبر 2019ع[26]
- دي امپلس ٽه اڊارن دي آرٽ آف پينٽيڊ ميورلس ان ويسٽرن سنڌ” انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڪراچي، آڪٽوبر 2020ع
ايوارڊ
[سنواريو]کيس ادبي ۽ تاريخي ڪم تي سرڪاري توڙي غيرڪاري ادارن پاران مڃتا طور 20 ايوارڊمليل آهن. [11]
- ايم اي سنڌي پهرين پوزيشن 1987ع، ميڊل يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو ميڊل 1990ع.
- ڪينجهر مئگزين بهترين تحيقيق مضمون ايوارڊ 1994ع.
- لال شهباز انٽر نيشنل ڪانفرنس ، بهترين تحقيقي مضمون ايوارڊ 1995ع.
- عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاڪستان، بهترين ادبي مضمون ايوارڊ 1997ع.
- بهترين ڊرامه سيريل ايوارڊ پِي ٽي وي ايوارڊ 2001ع.
- جارڊن آرگينائيزيشن بهترين ليکڪ شهيد مخدوم بلاول ايوارڊ 2002ع.
- بهترين ڊرامه نگار، ڪي ٽي اين ڊرامه سيريل ڳاڙهي ايوارڊ 2003ع[4].
- سنڌ ترقي پسند پارٽي، بهترين ليکڪ مادرِ وطن ايوارڊ 2003ع.
- بهترين ليکڪ ايوارڊ، پريس ڪلب جوهي 2003ع.
- بهترين ليکڪ علڻ فقير ايوارڊ، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊينٽ آرگينائيزيشن ايوارڊ 2004ع.
- بهترين ڊرامه نگار ڪي ٽي اين ايوارڊ، ڊرامه سيريل دام، 2006ع.
- بهترين ليکڪ ايوارڊ سچل آرٽ ڪلب ڪراچي 2007ع.
- استاد بخاري تحقيقي ايورڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو 2008ع.
- بهترين ڊرامه نگار ايوارڊ، پِي ٽي وي ڪراچي 2008ع.
- بهترين ڊرمه ليکڪ ڪي ٽي اين ايوارڊ 2011ع.
- بهترين محقق شيلڊ، قلندر شهباز ڪانفرنس سيوهڻ، سنڌ سياحت ثقافت کاتو سنڌ، 2012ع.
- استاد بخاري تحقيقي شيلڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو 2014ع.
- بهترين ڊرامه ليکڪ سنڌ ٽي وي ايوارڊ 2015ع.
- سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو، لايف اچيومينٽ ايوارڊ 2016ع.
- بهترين استاد ايوارڊ، گسٽا ضلع داو 2017ع.
- بهترين ڊرامه ليکڪ ايوارڊ، امتُل سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي 2018ع
- بهترين ليکڪ اوارڊ، استاد بخاري اڪيڊمي سنڌ، آڪٽوبر 2019ع[27]
جنوري 2018ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌيءَ (ضلع دادو) ۾ پرنسيپال طور رهيو آهي ۽ تخليقي طرح سندس قلم اڄ به ڪهاڻي، تنقيد، شاعري، ڊرامه ۽ تحقيق جي ميدان ۾ جنبش ۾ آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Mega projects: gainers and losers - Newspaper - DAWN.COM
- ↑ ‘Kalhora, Talpur era heritage sites in Dadu vanishing’ - Newspaper - DAWN.COM
- ↑ Sindhi drama to meet the world standard soon: Aziz Kingrani - The Sindh Times, وقت 2017-06-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17
- ↑ 4.0 4.1 Aziz Kingrani gets KTN Best Drama Serial Award for the third time - The Sindh Times, وقت 2016-05-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17
- ↑ The incomplete bridges on Nai Ranni require attention - The Sindh Times, وقت 2017-04-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17
- ↑ تاريخ جي ورقن مان: اڄوڪو ڏينهن 4 جنوري تاريخ جي دري مان
- ↑ https://www.google.com/#q=aziz+kingrani&tbm=nws
- ↑ Researchers demand conservation of Amri remains, Rani Koat - Daily Times
- ↑ Demise of Agha Saleem is great loss of Sindhi literature and language: Aziz kingrani - The Sindh Times[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ https://www.google.com/#q=Sindh+Tourisim+an+archaeological+journey&*
- ↑ 11.0 11.1 11.2 11.3 Young writers produce good dramas, short stories: Aziz Kingrani - The Sindh Times, وقت 2017-04-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-19
- ↑ جوهي ۾ شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال - بريڪنگ نيوز پاڪستان[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ https://www.google.com/#q=%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D9%88&*
- ↑ https://www.google.com/#q=Manik+Kingrani&*
- ↑ Teachers boycott exam | Sindh Study[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ناليواري اديب عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ نصر الله ڪنگراڻي جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي موت جي سزا خلاف اپيل رد - بريڪنگ نيوز پاڪستان[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Drama writer appeals for protection - Newspaper - DAWN.COM
- ↑ News stories for Aziz Kingrani - DAWN.COM
- ↑ Muhammad Juman was a trend setter Sindhi classical Singer and musician: Aziz Kingrani - The Sindh Times, وقت 2016-02-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17
- ↑ تڙ تڙ تي طوفان : عزيز ڪنگراڻي | SindhSalamat, وقت 2021-12-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17
- ↑ ڪتاب - سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي ويب سائيٽ تي ڀليڪار, وقت 2021-11-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17
- ↑ http://www.libertybooks.com/index.php?route=product/category&path=645
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=V8FmrgEACAAJ&dq=Sindh+Tourism:+An+archaeological&hl=en&sa=X&redir_esc=y
- ↑ https://pulsearch.princeton.edu/catalog/9099729
- ↑ Sindh tourism : an archaeological journey (Book, 2012) [WorldCat.org]
- ↑ InpaperMagazine, From. "BOOKS IN BRIEF". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-09-26.
- ↑ Onlineindus.com. "دادو ۾ شاعر احمد احمد شاهه المعروف استاد بخاري جي ستاويهين ورسي تقريب ٿي گذري". onlineindus.com. حاصل ڪيل 2020-03-20.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- ↑ Aziz Kingrani - Sindhipedia, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-03-14
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- ڄاڻخانو ليکڪ ۾ غلط استعمال ڪيل پيراميٽر
- Biography template using bare URL in website parameter
- سنڌي ماڻھو
- سنڌي شاعر
- ڊرامه نگار
- محقق
- ڪهاڻيڪار
- ادب
- سنڌي ادب
- سنڌ جامحقق
- سنڌ جا مورخ