ڪالي لنڪس
ٺاھيندڙ | حساس حفاظت |
---|---|
او ايس خاندان | لنڪس (يونيڪس لائيڪ) |
ڪم جي حالت | هلندڙ |
شروعاتي اشاعت | 13 مارچ 2013[1] |
Latest release | 2019.4[2] / 26 نومبر 2019 |
Update method | APT (several front-ends available) |
Platforms | x86, x86-64, armel, armhf |
Kernel type | مونولٿڪ ڪرنيل (لنڪس) |
Default user interface | Xfce[3] |
License | لنڪس آذرين |
ويبسائيٽ | سانچو:آفيشل ويبسائيٽ |
ڪالي لنڪس (انگريزي: Kali Linux) [4] ڊبين آپريٽنگ سسٽم ڊبين آپريٽنگ سسٽم [5][6][7][8]مان نڪتل هڪ لنڪس ڦانڊڻو آهي جيڪو ڊجيٽل فارنسڪ ۽ پينٽريشن چڪاس لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هِن کي اورينٽيڊ سڪيورٽي [9][10][11][12][13] طرفان هلايو وڃي ٿو ۽ فنڊنگ ڏني وڃي ٿي.
تعمير
[سنواريو]ڪالي لنڪس ۾ پنهنجا 600 [14] کان وڌيڪ پينٽريشن چڪاس جا پروگرام انسٽال ٿيل آهن. جنهن ۾ آرميٽيج(هڪ گرافيڪل سائيبر اٽيڪ مينيجمينٽ اوزار)، اين ميپ(پورٽ اسڪينر)، وائرشارڪ( (پاڪيٽ اينالائيزر)، جوهن دي رپر پاسورڊ ڪريڪر، ايئر ڪريڪ اين جي، (هڪ سوفٽوئر جيڪو وائرليس جا پينٽرينشن چاڪاسيندو آهي) ۽ برپ سوٽ [15][16] جهڙا پروگرام شامل آهن. ڪالي لنڪس ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ انسٽال ٿيندڙ آپريٽنگ سسٽم آهي. جيڪو ڪنهن سي ڊي ڊرائيو، يو ايس بي ڊرائيو، يا ورچوئل مشين ۾ پڻ انسٽال ڪري هلائي سگهجي ٿو. ڪالي لنڪس ميٽاسپولائيٽ فريم ورڪ جا پروجيڪٽ پڻ سپورٽ ڪندي آهي. جيڪو سڪيورٽي ايڪسپولائيٽ جو اوزار آهي. [15] ڪالي لنڪس کي آفينسوَ سڪيورٽي جي ماهرن ماٽي آهروني ۽ ڊيون ڪرنس طرفان بيڪ ٽريڪ کي ڦانڊڻي ٻيهر تعمير ڪيو ويو آهي. ڪالي لنڪس ڊيبين چڪاسيندڙ برانچ تي مشتمل آهي.[17][18] ڪالي لنڪس جا مختلف پيڪيج ڊيبين ذزرخيري مان شامل ڪيا ويا آهن.[19] ڪالي لنڪس پروجيڪٽ جي شروعات 2012 کان ڪئي وئي هُئي جڏهن آفينسوَ سڪيورٽي طئي ڪيو ته بيڪ ٽريڪ لنڪس کي ڪنهن نئين پروجيڪٽ ۾ تبديل ڪيو وڃي. بريڪ ٽريڪ پڻ ڊيبين آپريٽنگ سسٽم مان نڪتل هڪ ڦانڊاڻو هيو. جنهن کانپوءِ ڪالي کي بهترين قابليت ۽ بهترين بيهڪ جي ڪري ڊيبين جي سڀني ڦانڊاڻن مان پهرين فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. ڪالي جي پهرين ورجن 1.0 هڪ سال بعد مارچ 2013 کان پوءِ متعرف ڪرايو ويو. جيڪو ڊيبين 7 (ويهزي) تي مشتمل هيو. پهرين سال ۾ ڊيبين طرفان سوين پينٽريشن چاڪسيندڙ پيڪيج شامل ڪيا ويا. ڪالي جو 2019.4 ورجن هِن وقت هلندڙ آهي.
انسٽال ڪرڻ لاءِ لازمي شرط
[سنواريو]- ڪالي لنڪس انسٽال ڪرڻ لاءِ هارڊ ڊسڪ ۾ 3.8 جي بي جو جڳه خالي هُجڻ کپي.
- ڪالي لاءِ 512 ايم بي ريم جو هُجڻ ضروري آهي.
- هڪ بوٽ ايبل سيڊ ڊرائيو يا يو ايس بي جي ضرورت آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Official Kali Linux Releases". حاصل ڪيل 2019-11-26.
- ↑ "Official Kali Linux Releases". حاصل ڪيل 2019-09-03.
- ↑ Nestor, Marius. "Kali Linux Ethical Hacking OS Switches to Xfce Desktop, Gets New Look and Feel". softpedia. حاصل ڪيل 2019-11-29.
- ↑ "Kali Linux 1.0 review". LinuxBSDos.com. حاصل ڪيل 2019-11-26.
- ↑ Simionato, Lorenzo. "Review: BackTrack 2 security live CD". Linux.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ Barr, Joe. "Test your environment's security with BackTrack". Linux.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "BackTrack 4 - Hacking galore". Dedoimedo.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "BackTrack 5 R3 review". LinuxBSDos.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ Watson, J.A. "Hands-on with Kali Linux 1.0.7". ZDNet.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "Kali Linux 1.0.7 review". LinuxBSDos.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "Kali Linux review". Dedoimedo.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ Watson, J.A. "Hands-on with Kali Linux Rolling". ZDNet.com. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ Smith, Jesse. "Kali Linux 2016.1". DistroWatch Weekly. شمارو. 658. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "Kali Linux Penetration Testing Tools". tools.kali.org. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ 15.0 15.1 "Kali Linux arrives as enterprise-ready version of BackTrack". The H. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "Kali Linux Metapackages". Offensive Security. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ "The Birth of Kali Linux". Offensive Security. حاصل ڪيل 2019-04-10.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedInterview with Mati
- ↑ "Kali's Relationship With Debian". Kali Linux. حاصل ڪيل 2019-04-10.