ڪڪر
ڏيک
ڪڪر يا جهڙ (cloud) پاڻيءَ جي ٻاف واري شڪل جي وڏي مقدار کي چئبو آهي.
ابر فارسي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي: ميگهہ، برسات وارو پاڻي، وسندڙ مينھن، بادل يا ڪڪر وغيره. اصطلاحي زبان ۾: آسمان ۾ ڀريل ڪڪر کي ”ابر“ چئبو آهي.
لغوي لحاظ کان ”ابر“ ڪيترن ئي محاورن ۾ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً: رحمت واري ڪڪر (مينھن) کي ”ابرِ رحمت“، بھار جي موسم ۾ وسندڙ ڪڪرن کي ”ابرِ بھار“، ٻاجهہ واري ڪڪر کي ”ابرِ ڪرم“، موتي پيدا ڪندڙ ڪڪرن کي ”ابرِ عليظ“، ڪاري وسندڙ ڪڪر (ڪارونڀار) کي ”ابر سياه“، عام وسڪاري (وسندڙ) واري ڪڪر کي ”ابرِ مطير“ ۽ ٻوڙان ٻوڙ (سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون ڍورا بڻائيندڙ) ڪڪرن کي ”ابر مرده“ نالن سان سڏبو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "اَبر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-05-23.